سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جا سرڻا ۽ جل ٿل جانور

سنڌ جا سرڻا ۽ جل ٿل جانور

زيتوني ڪُمي

زيتوني ڪُمي

سائي ڪُمي

سائي ڪُمي

سنڌ جا ڪجھ اهم سرندڙ ۽ آبي جانور

سنڌ جا ڪجھ اهم سرندڙ ۽ آبي جانور

سنڌ جا ڪجھ اهم پکي

سنڌ جا ڪجھ اهم پکي

سنڌ جا ڪجھ اهم مماليه جانور (ٿڻائتا، چوپيرا،بحر ۽ ڪرنگھيدار جانور)

سنڌ جا ڪجھ اهم مماليه جانور (ٿڻائتا، چوپيرا،بحر ۽ ڪرنگھيدار جانور)

سنڌ جا ڪجھ اهم سرڻا ۽ جل ٿل واسي جانور

سنڌ جا ڪجھ اهم سرڻا ۽ جل ٿل واسي جانور

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت

سنڌ جي جهنگلي جيوت (Wild life): تاريخي لحاظ کان سنڌ پرڳڻو جانورن جي مختلف رهائشي علائقن، رَکُن، ماحولياتي سرشتن ۽ جھنگلي جيوت جي گوناگونيت سبب جڳ مشهور رهيو آهي. جيتوڻيڪ اڄ جھنگلي جيوت جي حوالي سان سنڌ ۾ صورتحال افسوسناڪ آهي، پر ان هوندي به اهڙي صورتحال جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ترت اپاءَ وٺڻ گهرجن ته جيئن ڪن جانورن ۽ پکين جون ناپيد ٿيل جنسون بچائي سگهجن.
سنڌ جا پکي: ننڍي کنڊ، اوڀر آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ماڳن جا پکي سنڌ ۾ ايترا رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهڙن سمورن پکين لاءِ سنڌ قافله سراءِ واري حيثيت رکي ٿي. انهن مان ڪيترا پکي رڳو ان ڪري ڊگھيون اڏامون ڪري هتي اچن ٿا ته جيئن سياري جي موسم سنڌ ۾ گذاري سگهن. ڪي هتي ڪجھه وقت لاءِ ساهي پٽي اڳتي راهي ٿين ٿا. ڪيترن قسمن جي پکين لاءِ هيءُ پرڳڻو نسلي واڌويجھه جو ماڳ آهي ۽ ڪي ٻين هنڌن تي وڃي ٻچا ڏين ٿا، پر انهن کي به هتي ڏٺو ضرور ويو آهي. ڪيتريون جنسون هتان جون مقامي ٿين ٿيون ۽ ڪيتريون پرانهن ماڳن تان سنڌ ۾ اچن ٿيون. اهڙو هڪڙو پکي پيٽريل (The Wilson’s Storm Petrel) آهي، جيڪو ائنٽارڪٽڪ جهڙي ڏورانهين قطب تي واڌويجھه ڪري ٿو، اهو به ڪراچيءَ جي ساحل کان پريان ڏسبو آهي. اهڙو ٻيو پکي ’سونهري ٽيڻو‘ (The Lesser Golden Plerer) آهي، جيڪو جپان کان به اتر ۾ هزارين ڪلوميٽر ڏور رڳو ’ڪيمچيٽڪا اپٻيٽ‘ (Camchatka Peninsula) تي واڌويجھه ڪري ٿو، اهو به ڪراچيءَ جي آسپاس ملي ٿو. ’ٽاڪلو‘ (Blue Cheaked Bee-eater) پکين جا ولر، جيڪي گھڻي ڀاڱي سيارو اولهه آمريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ گذارين ٿا، سي عربي سمنڊ ٽپي، اپريل جي آخر کان مئي تائين ڪراچيءَ ۽ مڪران جي سامونڊي ڪنارن سان پرڙا هڻندي ڏسي سگھجن ٿا. سنڌ جون پنهنجون چئن قسمن جون بدڪون (Ducks) ٿين ٿيون، جن مان ٽي True ducksآهن، جهڙوڪ: سينڍر (Lesser Whistling Teal)، چيڪلو (Common Teal) ۽ چوڻي پکي (Marbled Teal)، جڏهن ته هتي هنجهر (Spotbill duck) ۽ نيرڳي (Mash duck) پڻ ٿئي ٿي. ٻنهي قسمن جي بدڪن، يعني توٻر ۽ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي چڳندڙن جي انگ ۾ گھڻي گھٽتائي آئي آهي. Marbled Teal نارا ڪئنال جي ٻنهي پاسن ۽ نوابشاهه ضلعي جي روهڙي ڪئنال جي کاٻيءَ ڀڪ سان واڌويجھه ڪري ٿي. جيتوڻيڪ سنڌ وائيلڊلائيف پروٽيڪشن ائڪٽ، 1993 هيٺ هنن چئني جنسن کي تحفظ ڏنو ويو آهي، پر ان هوندي به انهن جو شڪار ٿيندو رهي ٿو. سانگھڙ ۾ نارا ڪئنال جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان جي ساڄي پاسي کان سم نالو ۽ چوٽيارون رزروائر جي اڏاوت سبب ممڪن آهي ته اهڙي سڄي ماڳ جو منظر ۽ ماحول ئي مٽجي وڃي، جنهنڪري هن وقت نوابشاهه جي نارا ڪئنال جي ساڄي پاسي سان موجود چڪ (Chuck) ۽ واسرو (Wasro) ويٽلئنڊ، جيڪي هنجهر (Spot bill duck) ۽ سنڍر (Lesser Whistting) جا واهيرا آهن، سي به ممڪن آهي هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن، ۽ اهڙيءَ ريت نارا ڪئنال جي کاٻي پاسي چوٽيارون رزروائر جي پاڻيءَ سبب به سندن خاتمو ٿي وڃي. اهڙن ڪيترن پکين لاءِ، جن جو شڪار ڪيو وڃي ٿو، تن جا ماڳ ختم ڪرڻ ۽ غير قانوني شڪار جي ڪري انهن پکين جو وجود وڏي خطري ۾ آهن. اهڙا ٻيا پکي، جن جو واسطو ’گئليفارمس‘ (Galliformes order) سٿ سان آهي، تن ۾ ڪارو ۽ اڇو تتر اچي وڃن ٿا، جن کي شڪاري لذيذ گوشت سبب وڏي شوق سان شڪار ڪندا آهن. ڪنهن زماني ۾ هي تتر عام جام ٿيندا هئا، جڏهن ته هاڻي ڪجھه وقت کان وٺي انهن جي انگ ۾ وڏي گھٽتائي آئي آهي ۽ ڪيترن هنڌن تان ته بلڪل ختم ٿي ويا آهن، جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن ۾ خاص طور غير قانوني شڪار ۽ انهن جا ماڳ ختم ٿي وڃڻ آهي. ڪارو تتر گھڻي ڀاڱي پوکي راهيءَ وارن هنڌن، خاص ڪري ڪمند جي آسپاس جام ٿيندو آهي. اهڙن هنڌن تي جيئن ته جيت مار دوائن جو ججهو استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪارڙو تتر جيتخور هئڻ ڪري مرندڙ جيت ۽ ڪيئان کائي ٿو، جنهنڪري انهن دوائن جو زهر، پکيءَ جي وَهه/ چرٻيءَ يا جنمي سرشتي (reproductive system) ۾ گڏ ٿي، ان جي واڌويجھه (Infertility) ختم ڪري ڇڏي ٿو. جيتمار دوائن ۾ موجود ڪينسري مادا آنن تي اهڙو اثر ڪن ٿا، جو ٻچن جي ڦٽڻ کان اڳ ۾ ئي آني جو ٻاهريون خول ٽٽي پوي ٿو.
ساڳئي سٿ جو هڪ ٻيو پکي مور (Indian peafowl) ڪنهن دور ۾ سنڌ جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي الڳ ٿلڳ ۽ پرسڪون وارياسي ماڳ ۾ عام جام ملندو هو، جڏهن ته هاڻي ان جي انگ ۾ وڏي گھٽتائي آئي آهي. 1940ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ڪيترن هنڌن، خاص ڪري سانگھڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ ججھا مور ڏسڻ ۾ ايندا هئا، تڏهن پاڻي به گھڻو هوندو هو، پر ورهاڱي کانپوءِ شڪارين ۽ مارين انهن جي انگ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، ڇاڪاڻ ته ٿرپارڪر جي هندو لوڪن وانگر هي شڪاري هن پکيءَ کي پوتر نه سمجھندا هئا، جڏهن ته اڄ به ٿرپارڪر جي انهيءَ پرانهين ڏاکڻي سرحدي هنڌ تي مور سٺي انگ ۾ ٿين ٿا، جو اتي جا هندو لوڪ هر لحاظ کان سندن خيال ۽ بچاءُ ڪندا رهن ٿا. پر بدقسمتي اها آهي ته هي پکي شڪارين جي مار کان بچي نه ٿو سگھي.
پکين سان پيار ڪندڙ اهي به ٻڌائين ٿا ته هو شاهه حسن ويجھو منڇر جي ڪنڌيءَ سان ڪڻڪ جي ڪچن سلن تي پلجندڙ سوين لنج/ هنج (Grey Leg Geese) ڏسندا رهندا آهن. اهڙو هڪڙو ولر 1978ع ۾ ڄام شوري ويجھو سنڌوءَ جي ڪنارن سان به ڏٺو ويو هو. اهڙي هڪڙي ٻئي ننڍي وڳر جي 1992ع ڌاري ڍنڍ تي فلم ڪڍي وئي هئي. ان کان سواءِ لاڙڪاڻي ويجھو حمل ڍنڍ ۾ وچ سياري دوران پکين جي ولرن سان لنج/ هنج (Grey Leg Geese) به ڏٺا ويا هئا.
گذريل ڪيترن سالن کان پکين جي ڪيترين جنسن ۾ گھٽتائي ايندي رهي آهي، جنهن جو مکيه ڪارڻ انهن جا واهيرا ختم ٿيڻ سميت سنڌ ۾ گرمي پد جو وڌيڪ هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو، جو هاڻي اهي سيارا به نه ٿا ٿين، جيڪي ڪنهن وقت ۾ ٿيندا هئا. گھڻي وقت کانپوءِ پهريون ڀيرو 1978ع ۾ تعلقي ننگرپارڪر جي شهر ويراواهه ويجھو ’سانگها تلاءَ‘ تي هنجن کي واهيرو ڪندي ڏٺو ويو هو. هن وقت سنڌ ۾ هنج پکي خطري ۾ آهن، جڏهن ته ڪرين جون باقي ٻه جنسون: سارس (The common crane) ۽ ڪونج (Damoiselle crane) خطي مان بلوچستان ٽپي آڪٽوبر جي اوائل ۾ سنڌ ۾ داخل ٿين ٿيون ۽ حب ڊئم ۽ سنڌ جو ڪاڇي جو پٽ ٽپي اچي ساهي پٽين ٿيون. پوءِ اڃا اڳتي ڏکڻ طرف لاڙ ۽ وڏي رڻ ۾ وڃي سيارو گذاري وري مارچ جي مهيني ۾ واهيرن لاءِ واپس هليون وڃن ٿيون.
ڪاري ڳجهه (Eurasian Black Vulture/ Cinereous Vulture) به ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اها اڪثر بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ٿئي ٿي ۽ اتي ئي واڌويجھه ڪري ٿي، پر سياري ۾ سنڌ ڏانهن هلي ايندي هئي. 1950 کان 1960 جي ڏهاڪي ۾ هنن ڳجھن جا وڏا ولر ڪراچيءَ جي ٻهراڙين ۾ ڪچري جي ڍيرن ۽ ڍونڍن تي ويٺل نظر ايندا هئا ته ڪراچيءَ کان 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڌاٻيجي ڍنڍ تي پڻ ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جيڪو هنن جو سياري ۾ واهيرڻ جو پسند جو ماڳ آهي، جڏهن ته هن آبشار جي پڻ هاڻي لاڏائو پکين لاءِ ڪشش گھٽجي رهي آهي، جو منجھس ڇوڙ ڪندڙ نالي (Drain) ۾ ايترو پاڻي نه ٿو اچي، جيڪو هن کي ڀري سگھي، ان سبب اهو سُڪي رهيو آهي. ان کان سواءِ ٻيا به اهڙا ڪيترائي سبب آهن، جن جي ڪري هن پکيءَ جي جنس سنڌ ۾ سخت متاثر ٿي رهي آهي. ڪنهن وقت هن پکيءَ جي يورپي ۽ آفريڪي چڙياگھرن ۾ ايتري گھر هوندي هئي، جو اهو هتان موڪليو ويندو هو، جڏهن ته هڪ بيماريءَ سبب هيءَ ڳجھه هاڻي هتان ختم ٿي وئي آهي. ٿر ۾ ڳجهن کي بچائڻ لاءِ هڪ اين جي او خاص ڪم ڪري رهي آهي.
ڪو اهڙو دور هوندو هو، جڏهن (otididae) ڪٽنب سان واسطو رکندڙ پکي به گھٽ نه هوندا هئا، خاص طور تي تلور (Houbara bustard). جيتوڻيڪ تلور سنڌ جو پکي ناهي، پر تنهن هوندي به هن پکيءَ جا وڏا ولر سياري گذارڻ لاءِ چولستان ۽ ٿر جي سرحدي علائقن ۾ اچي لهندا هئا.
تلور جي چرپر جو گھڻو مدار کاڌي جي موجودگيءَ سميت نويڪلائيءَ ۽ آزاديءَ تي آهي، جڏهن ته مقامي مارين ۽ عرب شڪارين هن شرميلي ۽ ڦڙت پکيءَ جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي ڪري ڇڏي آهي، اڄ تائين ڪي به اهڙيون ڪوششون نه ڪيون ويون آهن، جيئن هن لاڏائو پکيءَ جي لڏپلاڻ واري مند ۾ ڳڻپ ڪري سگھجي يا شڪار جي مند پوري ٿيڻ کانپوءِ اهو ڏسي سگھجي ته ڪيترن پکين جو شڪار ڪيو ۽ ماريو وڃي ٿو، جڏهن ته لڏپلاڻ جي مشاهدي مان ايتري ڄاڻ پوي ٿي ته تلور پکيءَ جي انگ ۾ وڏي گھٽتائي ٿي آهي.
ٻاهرين شڪارين جي هتي اچڻ کان اڳ ۾ (جيڪي رڳو تلور پکيءَ جي شڪار لاءِ اچن ٿا) تلور ولرن جي صورت ۾ ڏسي سگھبو هو، جڏهن ته هاڻي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي ٿو. هاڻي سنڌ ۾ تلور جو هڪ ٻيو قسم ’گورامو/ ڳورهاڻو‘ (Great Indian bustard) به ناپيد ٿيڻ جي صورت ۾ آهي. ڪنهن دور ۾ هي پکي ننگرپارڪر ۽ خشڪ علائقي جو رهواسي نيم ريگستاني ۽ گاهر ريگستان جو هيراڪ ٿي ويو هو ۽ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ چولستان ۽ ٿر جي ريگستان جي سرحد سان ڪجھه تعداد ۾ ڏٺو ويو هو، جڏهن ته هاڻي مقامي ۽ ٻاهرين شڪارين جي شڪار جي ڪري ڀٽڪندو رهي ٿو.
Rostra Tulidae پکين جي ڪٽنب ۾ ٽن قسمن جون ٽي مکيه جنسون/ اسپشيز آهن، لڪڻا (snipes)، ٻن قسمن جا ٽيٽا (Godivits) ۽ هڪ قسم جو ٽولارو (Eurasian curlew)، جڏهن ته انهن مان Jack Snipe، Common Snipe ۽ ڊگوش (Pintail) جي انگ ۾ گھٽتائي ٿي رهي آهي، جنهن جو مکيه سبب انهن جا ماڳ ۽ واهيرا جا هنڌ، جيڪي گھڻي ڀاڱي درياهه جا سمنڊ ۾ ڇوڙ وارا هنڌ ۽ mudflats ٿين ٿا. آهستي آهستي تباهه ٿي رهيا آهن. Ptero clididae ڪٽنب سان واسطو رکندڙ پکين جو به سنڌ ۾ سٺو تعداد موجود آهي، جن مان تتر (Imperial sandgrouse) هتان جو مقامي پکي آهي. پٽ تتر (Spotted Sandgrouse) ۽ ٻاٽيٻڙ (chestnut bellied sandgrouse) نه رڳو ٻين جنسن کان سرس ٿئي ٿو، بلڪ سڄيءَ سنڌ جي خشڪ علائقن ۾ چڱو خاصو ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ پٽ تتر جون هي ٻئي جنسون سولائيءَ سان واڌويجھه ڪري سگهنديون هيون، پر هنن جي تعداد ۾ تمام گھڻي گھٽتائي ٿي آهي، جنهن جو ڪنهن حد تائين هڪ سبب لاڳيتي خشڪسالي به آهي، جنهنڪري پاڻيءَ جا تلاءَ سُڪي ويا آهن ۽ ٻيو ڪارڻ هن جو لاڳيتو شڪار پڻ آهي.
Columbidae ڪٽنب ۾ پنجن قسمن/ اسپشيز جا پکي آهن، جن مان وڌ ۾ وڌ عام ڳيرو Indian Ring Dove/ collared dove ۽ پٽ ڳيري Little Brown Dore/ laughing dove آهن. انهن جي تعداد ۾ به تيزيءَ سان گھٽتائي اچي رهي آهي، جنهن جو ڪارڻ اهڙو اناج چڳڻ آهي، جنهن تي جيت مار دوائن جو ڦوهارو ڪيو وڃي ٿو.
Falconidae ڪٽنب ۾ باز جو قسم لغڙ (Laggar Falcon) هتان جي مقامي جنس هئڻ ڪري پرڳڻي جي انهن حصن ۽ هنڌن تي ٿئي ٿو، جتي زراعت گهٽ ٿئي ٿي. سڄي هيٺانهينءَ سنڌ ۾ خاص طور تي باز انهن ڪئنالن جي ڀرسان، جتي وڻڪار ٿئي ٿي، بدين ضلعي ۽ دادو ضلعي جي خشڪ هنڌن تي، ريگستاني سنهي جھنگ، ٽڪرين جي هيٺانهن هنڌن يا ڍورن ۾ ٿئي ٿو. جيئن ته هيءُ پکي شهري ماحول ۾ به رهي سگھي ٿو، ان ڪري 1940ع جي آخري ڏهاڪي تائين ڪراچيءَ جي ڪيترن هنڌن تي سولائيءَ سان ڏسي سگھبو هو، جڏهن ته اڳتي هلي جديد ڪراچيءَ هن پکيءَ جي سڀاءَ تي اهڙو اثر ڇڏيو، جو گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان اُتي ڪو هڪ به نظر نه آيو آهي. سنڌ ۾ فالڪونڊي ڪٽنب سان واسطو رکندڙ ٻيا پکي آهن: ترمچي باز (Merlin)، بـاز (Northern hobby)، وڏو يـوريشـيـائـي شـڪـرو بـاز (Saker falcon) ۽ شاهينگ/ ڪارو باز (Peregrine falcon) اهي سڀ هتي پيلاريڪٽڪ (Palaearctic) (دنيا جي گرم ۽ اتر قطبي، آرڪٽڪ حصن سان تعلق رکندڙ) علائقن مان اچن ٿا، جيتوڻيڪ Northern hobby هتي رڳو سياري ۾ واهيري لاءِ ملڪ جي اترئين جابلو علائقن ۾ اچي ٿو، پر ان هوندي به ڪراچي ۽ ٺٽي جي جابلو هنڌن تي ڀيرو ڀريندو رهي ٿو. ترمچي باز (Merlin) هڪ اهڙو ٻيو سياري جو ايندڙ پکي آهي، جيڪو ٺٽي ۾ ڌاٻيجي ۽ ميرپور ساڪري ۾ ڏٺو وڃي ٿو. لاڏائو پکي هجڻ ڪري مقامي پکين جي ڀيٽ ۾ هي باز عام طور ڪو هڪ اڌ نظر اچي ٿو.
وڏو يوريشيائي شڪرو (Saker Falcon) نالي باز، جيڪو سنڌ جي خشڪ جابلو علائقي ۾ ٿئي ٿو، تنهن جو تعداد به گھٽجي رهيو آهي، جيئن ته باز جي هن قسم کي تلور جي شڪار لاءِ سيکاري سگھجي ٿو، ان سبب عرب شڪاري سدائين هن باز جي ڳولا ۾ رهن ٿا، جنهنڪري هن علائقي مان هي باز تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هن جي مادي (چرغ) پنهنجن سلامت کنڀن سان 1983ع ۾ 50 هزار آمريڪي ڊالرن تائين وڪرو ڪئي ويندي هئي. ساڳي حالت شاهينگ/ ڪاري باز (Peregrine Falcon) جي به آهي. باز جي هيءَ جنس 1980ع جي ڏهاڪي ۾ 60 هزار آمريڪي ڊالرن تائين قيمت ڪندي هئي، جڏهن ته هاڻي هن پکيءَ جي ناياب ٿيڻ ۽ ناڻي جي ملهه ڪري پوڻ سبب گھڻو مهانگو وڪرو ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هيءُ باز سياري ۾ اچي ٿو ۽ گھڻي ڀاڱي ساحلي ڪنارن (Manues)، ڍنڍن ۽ ڍورن تائين محدود رهي ٿو، جڏهن ته ورلي ڪو پکي هيٺاهين سنڌ جي ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري ۽ تمر جي ڍورن سان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ Raptors پکي به جام ٿين ٿا، پر انهن مان رڳو ڪن خاص پکين جو شڪار ڪيو وڃي ٿو، جن ۾ Goshawk باز ورلي ڪو سنڌ ڏانهن سير ڪري ٿو ۽ وڻڪار وارن هنڌن کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. ڪيترا زميندار هن باز کي سهن ۽ قازن (Grey Bask) جو شڪار ڪرڻ سيکارين ٿا. سنڌ جي مقامي جنسن ۾ ’اڇ- اکيو باز‘ (White Eyed Buzzard)، شڪرو (Shikra)، چٿئو/ چيٽوو (Red Headed Merlin ۽ ڪئا مار باز (Kestrel) ٿين ٿا، انهن سڀني ۾ White eyed buzzard سڄيءَ سنڌ ۾ گھڻو ۽ آبپاشيءَ رستي ٿيندڙ زراعت ۽ گھاٽن وڻن وارن هنڌن تي ٿئي ٿو. شڪرو ته سموري سنڌوءَ جي پٽيءَ سان جام ٿئي ٿو. ريگستاني ماحول بدران آبپاشيءَ رستي ٿيندڙ ٻيلن ۾ رهڻ جو شوقين آهي، جڏهن ته Red headed merlin باز هتان جو رهواسي آهي ۽ گھڻي ڀاڱي اڪيلي سر گذاري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ٿرپارڪر، چولستان ۽ ڪراچيءَ کان ٻاهر ملير ۾ به نظر اچي ٿو. هي پاڪستان جي ٻين هنڌن تي ورلي ڪو ٿئي ٿو. هن علائقي جي سڀني بازن ۾ سواءِ Pestrel جي Merline جي تعداد ۾ زبردست ڪمي ٿي آهي، جنهن جو هڪ ڪارڻ بازن جي واپار لاءِ اپاءَ وٺڻ آهي. هي لاڏائو پکي/ ملهيو (Decey bird) ٿر ۽ ڪوهستان جي ڪن هنڌن تان Sakar ۽ بازن ڦاسائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هي پکي پنهنجي گذرسفر لاءِ ڪوئن، نانگن ۽ ٻين ڪيترن سرندڙ جانورن تي مدار رکي ٿو.
ٻٽير جڏهن سيپٽمبر جي مهيني ۾ ڏکڻ پنجاب ۽ راجسٿان کان سنڌ اچي ٿو، تڏهن مارِي/ شڪاري هن پکيءَ جو شڪار ڪن ٿا. ماري/ شڪاري، ٻٽير کي ٻٽير جي رڪارڊ ٿيل ٻوليءَ رستي ڌوڪي سان ڦاسائين ٿا. سنڌ کانپوءِ هيءُ پکي مڪران جي ساحل کان ٿيندو عمان ڏانهن هليو وڃي ٿو. سيسي تتر (See See- Partridge) به ڦاسايو وڃي ٿو ۽ ان جو ڪراچيءَ سميت ٻين ڪيترن شهرن ۾ سرعام وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
اهم ٿڻائتا جانور: سنڌ ۾ ٿڻائتن جانورن ۾ Cervidae ڪٽنب جا جانور جام ٿين ٿا، جن مان ڦاڙهو اڄ تائين شڪارين جي دٻاءَ سان منهن ڏيندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ 20 صديءَ جي اوائل کان وٺي هن جانور جو جام شڪار ٿيندو رهيو آهي. 1942ع ۾ جڏهن انگريز سرڪار مکي ڍنڍ جا ٻيلاختم ڪري، اتي پنهنجا ٺڪاڻا قائم ڪيا، تڏهن ڦاڙهي جو تعداد گھڻو گھٽجي ويو. نارا ڪئنال ۽ آسپاس جي ٻيلن مان ڦاڙهي جي انڌا ڌنڌ شڪار سبب ڦاڙهو ڄڻ ته بلڪل ختم ٿي ويو آهي، نه ته هي علائقو ڦاڙهن سان ڀريل رهندو هو. درياهي ٻيلن ۾ ڦاڙهي جو سٺو بچاءُ ٿيندو رهي ٿو، ڪجھه ڪيٽي جتوئي ۽ ڪوٽڏيجي خيرپور ۾ مهراڻي جي رک ۾ جھنگلي جيوت جي شوقينن جي ذاتي دلچسپي سبب بچيل رهي ٿو. سنڌ جي جھنگلي جيوت کاتي پاران هاليجي ڍنڍ ڀرسان به هڪ اهڙو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جتي هٿرادو ماحول ۾ ڦاڙهي جي واڌويجھه ڪرائي وڃي ٿي. 1994ع کانپوءِ سواءِ ڪنهن هڪ اڌ سال جي درياهي ٻيلن جي نه پائجڻ سبب جھنگلي ڦاڙهو شڪارين جي خطري ۾ آهي. سنڌ جو هڪڙو اهڙو ٻيو ٿڻائتو جانور هرڻ (Gazelle) آهي، جنهن کي سولائيءَ سان پالي به سگھجي ٿو، ڪنهن دور ۾ سنڌ جي خشڪ علائقي، کير ٿر ۽ لکيءَ جي پٿريلين ڀٽن سميت غيبي ديري جي الهندي ۽ نصيرآباد کان 3000 فوٽن جي بلنديءَ تي ڪتي جي قبر تائين ٿيندو هو. اهو هاڻي جنگشاهي، جھمپير، غيبي ديري ۽ ڪوٽڙيءَ کان آمريءَ تائين ختم ٿي ويو آهي. انهن مان هاڻي ڪي چند هرڻ کيرٿر نيشنل پارڪ، محل ڪوهستان جي جھنگلي جيوت جي رک، حب ڊئم جي جھنگلي جيوت جي رک، ڪوهستان ۾ سريءَ ويجھو باهمير جابلو سلسلي (Bahmir Range) سانگھڙ ۾ اڇڙي ٿر، جمي، سمي ۽ ڇاڇري، ننگرپارڪر جي سرحدي علائقن ۽ ڏيپلي تعلقي جي ونهيءَ ۾ ڪجھه انگ ۾ باقي بچيا آهن. بدقسمتيءَ سان شڪار هن کي تباهه ڪري رهيو آهي. هرڻ جو ناجائز شڪار چؤماسي جي شروعاتي وسڪاري سان شروع ٿئي ٿو، جڏهن جانور ڪچڙو گاهه چرڻ لاءِ نڪري اچي ٿو. هرڻن جي گھٽتائيءَ جو ٻيو سبب ٻچڙن جي وڏي چوري آهي، جيڪي ڪراچيءَ ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا، جتان پوءِ مڇيءَ جي ٽرالرن ۾ لڪائي عرب اماراتن ڏانهن اسمگل ڪيا وڃن ٿا.
روجھه (Blue Bull)، جيڪا انڊيا سان لڳندڙ سرحد سان جام ٿئي ٿي، ننگرپارڪر ويجھو رڳو هڪ ننڍي حصي Aslari تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ گھاٽين ديوين ۾ پنهنجو قدرتي بچاءُ ڪري ٿي.
ڪاريهل (Black Buck) جي بحاليءَ لاءِ 1974ع ۾ IUCN جي سهڪار سان ٽيڪساس جي هڪ کيت مان 12 ڪارا هرڻ گھرائي کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ ڇڏيا ويا هئا، جيئن ته ڪارو هرڻ تيزيءَ سان واڌ ڪري ٿو، ان ڪري هن هرڻ جا 12 جوڙا مهراڻيءَ جي رک لاءِ به ڏنا ويا. 2004ع ۾ مهراڻي ۾ 450 کان مٿي ڪارا هرڻ موجود هئا. هرڻن جو هڪڙو ننڍڙو ڌڻ هڪ ٻيءَ خانگي رک کي، جيڪا ڪنڊياري ۾ آهي، ڏنو ويو. جتي پڻ هنن هرڻن جي انگ ۾ سٺو واڌارو ٿي رهيو آهي.
سـنـڌ جو اهڙو هڪ ٻيو جانور ’گــڊ‘ (Wild Sheep) ۽ ’سـرهه‘ (Sindh Ibex/ Wild goat) ڪنهن دور ۾ کيرٿر، پٻ ۽ لاکان رينج سميت مري علائقي ۾، کيرٿر جي موئيان، موگنٽار ۽ لوسار جي آسپاس ۾ جام ٿيندو هو. جوهيءَ جي الهندي ۾ لکي رينج ۾ شاهه گودڙيي کان جبل جي مٿانهن هنڌن، ڪتي جي قبر تائين به ٿيندو هو، هاڻي انهن جي انگ ۾ گھڻي گھٽتائي آئي آهي، جڏهن ته موئيدان مان 1968ع ۾ سرهه بلڪل ختم ٿي ويو هو، جنهن علائقي کي اڳتي هلي 1974ع ۾ نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو ويو. هن علائقي جو هاڻي سٺي طرح سان بچاءُ ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جو جھنگلي جيوت کاتو انهن جي هر سال ڳڻپ ڪري ٿو، جنهن مان خبر پوي ٿي ته سرهه، گڊ ۽ غزالي هرڻ جي انگ ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اتي اڃا به ڪڏهن ڪڏهن غير قانوني شڪار ڪيو وڃي ٿو. هن رک ۾ موجود جانورن جي انگ ۾ جهجھو واڌارو ٿيو آهي ۽ اهڙن ماڳن تي 2001ع کان وٺي ٽرافي هنٽنگ جو سلسلو متعارف ڪرايو ويو آهي. کيرٿر رک، جيڪا 308،733 ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي، نومبر 2000ع جي سروي موجب ان ۾ 10،695 تائين سرهه موجود آهن.
چراخ، جابلو ۽ ٽاڪرو هنڌن تي ٻيلائي هنڌن کان پاسيرو رهي ٿو. ڪنهن دور ۾ سنڌوءَ جي پٽن سان عام ٿيندو هو، جڏهن ته هاڻي درياهه جي اولهه وارن هنڌن تي ختم ٿيڻ تي آهي. سنڌوءَ جي اوڀر ۾ وارياسين ڀڪن ۽ درياهه جي خشڪ ٽڀن سان، جتي انساني آبادي ڇڊي ٿئي ٿي، دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ اڃا موجود آهي. هي ڏينهن جو هڪ وڏو حصو پنهنجي ڏرن ۾ گذارين ٿا.
سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪاري رڇ جي انگ ۾ به ڪافي گھٽتائي آئي آهي، جنهن جو سنئون سڌو ڪارڻ رڇ جي ماڳن تائين انساني آباديءَ جو وڌڻ آهي. رڇن کي ان لاءِ به ماريو وڃي ٿو، جو اهي فصلن کي نقصان پهچائين ٿا. WWF پاران ڪرايل هڪ سروي مطابق 1931ع ۾ 1600 رڇ پڪڙيا ويا، جڏهن ته هٿرادو طور پالجندڙ رڇن جي ٻچن ۾ واڌارو ٿيو آهي. جوان جماڻ ماديون پڪڙڻ دوران عام طور ماريون وڃن ٿيون ۽ انهن جي ٻچڙن کي پڪڙي اٽڪل ٽن هزار روپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. مداري رڇن کي ناچ ۽ ٻيا ڪرتب سيکاري ماڻهن کي وندرائي پئسا ڪمائين ٿا. 1993ع ۾ اهڙي هڪ ٻي سروي مان ڄاڻ پئي ته هر سال رڇن جا 115 ٻچا پڪڙيا وڃن ٿا.
انڌي ٻلهڻ (Indus Dolphin) دنيا جي تازي پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ ٻلهڻين ۾ هيءَ وڌ ۾ وڌ گڻائتي سمجھي وڃي ٿي. هن ٻلهڻ جو وجود سامونڊي ٻلهڻ مان ٿيو آهي، جيڪا عربي سمنڊ جو هڪ اهم ٿڻائتو جانور آهي. هيءَ سنڌو درياهه ۾ به ٿئي ٿي. سنڌو درياهه جي لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ رهڻ ڪري ٻلهڻين ۾ ڪيتريون نراليون ڳالهيون پيدا ٿيون آهن ۽ انڌي ٻلهڻ رڳو لڙاٽيل وهڪرن تائين محدود ٿي وئي آهي. اها اهڙي پاڻيءَ ۾ وڃڻ ۽ رهڻ کان ڀڄي ٿي، جتي گوڙ گھمسان هجي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌوءَ جي ڇولين جي لاهه ۽ چاڙهه وارن هنڌن تي ڪڏهن به نه ڏٺي وئي آهي. ان جو هڪ سبب سندس لڙاٽيل پاڻيءَ سان سنٻنڌ آهي. ٻلهڻين جا ولر سنڌو درياهه جي مختلف هنڌن تي ڏٺا ويا آهن، جڏهن ته گھڻي ڀاڱي سکر، گڊو، تونسا ۽ ۽ چشما بئراجن ۾ به موجود آهن. بئراجن جي اڏجڻ کانپوءِ ٻلهڻين جو انگ ورهائجي ويو آهي، سندن چرپر محدود ٿي وئي آهي، ڇو ته اهي بئراجن جا لڪ لنگھي نه ٿيون سگھن، جنهن سبب انهن جي پيدائش گھٽ ٿيڻ ڪري نسل Genetic Pool به گھٽجي رهيو آهي. ان کان سواءِ جيئن ته باقي بچيل ٻلهڻيون پاڻ ۾ لڳ ۽ پيدائش ڪري رهيون آهن، ان ڪري منجھن جسماني لڱايون پيدا ٿي ويون آهن. آبپاشي سرشتي جي واڌ جي ڪري سياري جي مند ۾ درياهن جو پاڻي به گھٽ وهي ٿو ۽ نتيجي طور ٻلهڻيون ڪئنالن ۾ ڀٽڪي وڃن ٿيون، جتي سندن لاءِ پاڻي گهٽ گهرو هجي ٿو. ان کان سواءِ درياهن جي غلاظت به ٻلهڻ جي وجود لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي.
سماجي تنظيم ’انڊس ڊالفن پراجيڪٽ‘ (Indus Dolphin Project) هن ٿڻائتي جانور تي کوجنا ڪري رهي آهي ۽ تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ هن جنس کي ناپيد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ورتل اُپاءَ ڪارائتا ثابت ٿي رهيا آهن. سنڌ جي جھنگلي جيوت کاتي پاران ٻلهڻن جي رکَ (گڊو ۽ سکر بئراجن وچ ۾) 602 ۽ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن وچ ۾ 18 ٻلهڻين جي موجودگي ٻڌائي آهي. اها هڪ سٺي واڌ آهي، ڇو ته 1974ع ۾ رڳو 150 ٻلهڻيون موجود هيون.
چمڙو سنڌ جو چمڙو گهڻو اڻلڀ ٿي رهيو آهي. چمڙو ڏکڻ بلوچستان ۽ اتر سنڌ ۾ شڪارپور ۾ ڪافي آهي. سنڌ جي ٻين علائقن جي ويران جاين ۾ به موجود ملي ٿو. هيءُ چمڙو جيئن ته ريگستان جي آبهوا سان سٺيءَ طرح سان پاڻ ٺهڪائي سگھي ٿو، ان ڪري عام طور گرم ۽ نيم استوائي پٽن/ هنڌن تائين محدود رهي ٿو. چمڙو ايران ۽ افغانستان ۾ عام آهي.
سنڌ جو جھنگلي سهو سڄيءَ سنڌ ۾ٿئي ٿو. هي جيتوڻيڪ هڪ شڪار ٿيندڙ جانور آهي ۽ وڌندڙ زراعت سبب ان جا ماڳ تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن، پر ان هوندي به اهو پنهنجو وجود برقرار رکي سگھيو آهي، ڇاڪاڻ ته تيزيءَ سان واڌ ڪندڙ آهي.
گورخر (Indian wildass) اصل ۾ جھنگلي گھوڙي جي جنس مان آهي ۽ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. گورخر ٿوري تعداد ۾ ٿرپارڪر جي رڻ ڪڇ ۾ نظر اچن ٿا. گورخر جو وڏو شڪاري انسان آهي ۽ بگھڙ به هن جا ٻچا کڻي وڃي ٿو. گورخر لاءِ South African horse Sickness ۽ Surra موتمار بيماريون ٿين ٿيون ۽ اهي ٻئي سنڌ ۾ به ٿين ٿيون.
ڇلامرون (Indian Pangolin/ Scaly anteater) ريگستاني علائقن ۾ ٿئي ٿو. ويران ۽ جابلو ماڳ هن جي رهائش گاهه آهن. ڇلامرون سڄيءَ سنڌ ۾ مخلتف هنڌن: سنڌوءَ جي کاٻي پاسي دادو ۽ لاڙڪاڻي جي ٽاڪرو الهندي پاسي، حب نديءَ جي وادي ۽ کيرٿر رينج ۾ ڏٺو ويو آهي. ڇلامرون جيئن ته هڪ مخصوص قـسـم جــو کـاڌو کائيندو آهي، ان جي فصلن لاءِ انتهائي ڪارائتو جانور آهي، ڇو ته ماڪوڙين ۽ اڏوهيءَ جا آنا کائي چٽ ڪري ٿو.
گـدڙ سنڌ جو عام جانور آهي، جيڪو ٿر، ڪوهستان ۽ وچولي جي ٻنين ۾ ٿئي ٿو. تمر جي ٻيلن ۾ ٿيندڙ گدڙ هيٺانهن هنڌن تان ساحل ڏانهن لڏي ويو آهي، هن گدڙ کي جسم تي وڏا وار ٿين ٿا ۽ پنهنجي نئين ماحول سان اهڙو هري ويو آهي، جو مڇي کائي پنهنجو پيٽ پاليندو رهي ٿو.
سنڌ جا سرڻا ۽ جل ٿل واسي جانور:
ڪروڪوڊائلڊي (Crocodylidae) جي ننڍڙي ڪٽنب ۾ رڳو ڪجھه قسمن جون جنسون ٿين ٿيون، انهن مان واڳون (Marsh crocodile) ڪراچيءَ کان 16 ڪلوميٽر اتر ۾، منگھي پير ۾ ڏسي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ منگھي پير ۾ واڳن جي تعداد ۾ گھٽتائي آئي آهي، پر ان هوندي عقيدتمندن جو هڪ وڏو تعداد اتي اچي واڳن کي گوشت کارائي ٿو.
واڳون عام طور تراکڙي (تازي ۽ کاري) پاڻيءَ ۾ ٿئي ٿو. نئين ماحول سان پاڻ کي سولائيءَ سان ٺهڪائي ٿو، جڏهن ڪا ڍنڍ سڪي وڃي ٿي ته خشڪيءَ تان ڪنهن نئين ڍنڍ تائين رسي وڃي ٿو. واڳون هٿرادو ڍنڍن سميت قدرتي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ سولائيءَ سان پنهنجي سٿ سان رهي سگھي ٿو. سنڌ جي کارين ڍنڍن ڀرسان، ٽڪرين جي پاسن سان ٻرن ۾ به رهي ٿو. هن وقت واڳونءَ جو وجود ان ڪري خطري ۾ آهي، جو ان جو شڪار ڪري سندس پيٽ جي اڇاڻ مائل پيلي چمڙي حاصل ڪئي وڃي ٿي. واڳن جي انگ ۾ گھٽتائي اچڻ جو هڪ ٻيو سبب ان جا ماڳ ختم ٿيڻ ۽ آنا چورائجڻ به آهي.
ساڳئي ڪٽنب جو هڪ ٻيو جانور سيسر/گھڙيال (Gharial/ Gavial) سنڌو درياهه ۾ جام ٿيندو آهي. واڳون آنن لاهڻ جي موسم ۾ يا هونئن به نسبتاً ماٺو وهندڙ پاڻي پسند ڪري ٿو، جو اهڙن هنڌن تي سولائيءَ سان ساهه کڻي سگهندو آهي.سيسر هڪ ڊگھي عرصي تائين زندهه رهـي سگھـي ٿو، جـڏهن ته هـاڻي قـدرتـي ماڳن تان ان ڪري ختم ٿـي ويو آهي، جو اهي ماڳ آبپاشي ۽ پاڻيءَ ذريعي بجلي پيدا ٿيڻ (Hydroelectric) لاءِ ڪتب آندا ويا آهن، ان ڪري اُتي واڳون رهائش (Nesting) اختتام ڪري نه ٿا سگھن. ماڻهو انهن جي آنن جي تلاش ۾ رهن ٿا، جيڪي کاڌي ۽ دوا طور استعمال ڪيا وڃن ٿا. نر سيسر جو ان ڪري به شڪار ڪيو وڃي ٿو، جو ان جي منڍيءَ ۾ ’قوت باهه‘ وڌائڻ جون خاصيتون پاتيون وڃن ٿيون. ڄارن ۾ اتفاق سان ڦاسي پوندڙ سيسرن کي مهاڻا يا ته ماري ڇڏين ٿا، يا وري کين ٻوڙي ڇڏين ٿا.
سنڌ جو ڪاريهر (Indian cobras) هي ڪاريهر سنڌ ۽ انڊيا جا مقامي نانگ آهن. ڪاريهر پاڪستان سميت سري لنڪا ۽ انڊيا ۾ به ٿين ٿا. اهي جيئن ته آسپاس جي هڪ وسيع ماحول سان پاڻ ٺهڪائي سگھن ٿا، ان ڪري قدرتي ٻيلن، زرعي علائقن ۽ سارين جي فصل ۾ به رهي سگھن ٿا. جيتوڻيڪ انڊين ڪاريهر خطري کان ٻاهر آهن، پر ان هوندي به پنهنجي مخصوص کل سبب ماريا وڃن ٿا، انهن جي کل ٿيلها (hand bags) ٺاهڻ لاءِ ڪتب اچي ٿي.
آڪسس ڪاريهر (Oxus Cobra) ڏسڻ ۾ انڊين ڪاريهر جهڙو اچي ٿو، پر پاڪستان ۾تمام گھٽ ٿئي ٿو. پاڪستان جي اترين علائقن ۾ 2100 ميٽرن جي بلنديءَ تي ٿئي ٿو. خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان سميت سنڌ جي ڪن حصن ۾ ٿئي ٿو.
ازدها نانگ (Indian Python) جيتوڻيڪ عام طور جھنگ جو رهواسي آهي، پر کليل ٻيلن ۽ ٽاڪرو هنڌن تي اڀريل ساوڪ ۾ به ٿئي ٿو. ٻيلن نه هجڻ جي حالت ۾ درياهه ۽ ڍنڍن ۾ رهي ٿو. سنڌ ۾ تجارتي طور انڊس ڊيلٽا جي آسپاس ٿئي ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۽ هاليجي ڍنڍ ۾ به ٿئي. هن جي چمڙي حاصل ڪرڻ لاءِ شڪار ڪيو وڃي ٿو، جنهنڪري هن جي انگ ۾ وڏي گھٽتائي آئي آهي. ان کان سواءِ گذريل ڪجھه ڏهاڪن کان وٺي ازدها نانگ جا ماڳ ختم ٿي وڃڻ، طبي مقصدن لاءِ شڪار ٿيڻ سبب به هي نانگ ختم ٿي رهيو آهي.
سائي ڪُمي (Green Turtle) دنيا جي رڳو گرم ملڪن جي پاڻيءَ ۾ ٿئي ٿي. جوان ڪميون سمنڊ ۾ اهڙن هنڌن تي آسپاس رهن ٿيون، جتي الجي (Algae) ٿئي ٿي، جيڪا سندن مکيه کاڌو آهي. سنڌ ۾ سائي ڪمي ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري ۽ بلوچستان جي مڪران جي ساحل تي ٿئي ٿي. سامونڊي ڪمين ۾ هيءَ ڪمي سبزي خور ٿئي ٿي، جيڪا رڳو الجيءَ تي زندهه رهي ٿي يا سمنڊ جي مختلف قسمن جي گاهه تي. هن ڪميءَ کي انسان کان خطرو آهي. ڪو اهڙو به دور گذريو آهي، جڏهن ڪيترن ڏهاڪن کان وٺي هيءَ ڪمي هاڪس بي ۽ سئنڊس پٽ جي ويران ڪنارن سان پئي واڌويجھه ڪندي هئي. جڏهن ته اهڙن هنڌن تي ٿيندڙ ترقيءَ سبب هن ڪميءَ جو وجود خطري ۾ اچي ويو آهي. جڏهن ڪمين جا ٻچا ڦٽن ٿا ته اهي سامونڊي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي پوندڙ روشنيءَ جي ڪري سمنڊ کان ٻاهر اچڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، جڏهن ته ٻئي پاسي کان ساموندي ڪناري سان موجود انساني آبادين وٽان پوندڙ ججهي روشنيءَ جي ڪري ٻچٽ ڪميون ڀٽڪي غلط پاسن ڏانهن هليون وڃن ٿيون، جتي کين ڪتا ۽ ڪانوَ کائي وڃن ٿا. هي ڪميون تجارتي مقصد لاءِ به ڦاسايون وڃن ٿيون، جنهنڪري انهن جي تعداد ۾ وڏي گھٽتائي ٿي رهي آهي. هنن ڪُمين جا آنا ايـشيـا جي ڪن ملڪن ۾ ماڻهو کائڻ لاءِ به استعمال ڪن ٿا.
زيتوني ڪُمي (Olive Ridley Turtle): دنيا جي گرم ملڪن ۾ خاص طور اهي علائقا، جيڪي انڊو پئسفڪ ۽ ايسٽ ائٽلانٽڪ خطن ۾ اچن ٿا، اُتي هيءَ ڪمي عام جام ٿئي ٿي. هندستاني ساحلي ڪنارن سان به عام جام ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ وڌندڙ انساني آبادين سبب هن ڪميءَ جي واڌ ويجھه جا هنڌ تباهه ٿي رهيا آهن، پر ان هوندي به اڃا تائين ججهي ٿئي ٿي. هيءَ ڪمي هر شيءِ کائيندي آهي. مئل مڇي ۽ کيکڙن سميت جهينگن (Mollusc) جا نرم حصا به کائي وڃي ٿي. جيلي فش (Jelly fish) جي ڪن قسمن کي به پسند ڪري ٿي. هنن ڪمين کي سڀ کان وڏو خطرو تجارتي مقصدن لاءِ پڪڙڻ، جھينگن سان گڏ ڄار ۾ ڦاسڻ ۽ آنا چوري ڪرڻ جي ڪري آهي. هي ڪميون جيئن ته جيلي فش به شوق سان کائين ٿيون، ان ڪري ڪا ڪُمي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ کي عام طور غلطيءَ وچان جڏهن جيلي فش سمجھي کائي ٿي ته گھُٽجي مري وڃي ٿي. سنڌ جي ويٽ لئنڊ ۽ ٻين هـنـڌن تي تازي پاڻيءَ جون ڪـُميون به گھڻي تعداد ۾ ٿين ٿيون، جڏهن ته غير قانوني شڪار ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ وچ اوڀر جي مارڪيٽن ۾ وڪري سبب هنن ڪمين جي انگ ۾ به تيزيءَ سان گھٽتائي اچي رهي آهي.
سنڌ ۾ گھٽجندڙ جھنگلي جيوت هڪ پاسي کان قدرتي آفتن ته ٻئي پاسي کان انساني آزارن سبب گھڻي خطري ۾ آهي. ڪنهن دور ۾ شڪار هڪ اهڙو شوق سمجھيو ويندو هو، جيڪو سنڌ جي اميرن، وڏيرن ۽ جاگيردار طبقي تائين محدود هوندو هو. 1960ع جي ڏهاڪي کان اڳ ۾ هٿيارن جا لائسنس ائين عام جاري نه ڪيا ويندا هئا ته جھنگلي جيوت به اهڙو دٻاءُ سولائيءَ سان برداشت ڪري سگهندي هئي. جاگيردار پنهنجي تفريح ۽ ذاتي مقصدن لاءِ جھنگلي جيوت جو استحصال ڪندا رهيا. اهي جيئن ته زمينن جا مالڪ به هئا، تنهنڪري هنن جھنگلي جيوت جي بچاءِ لاءِ ڪي اپاءَ نه ورتا، جڏهن ته 1960ع واري ڏهاڪي کانپوءِ سماجي ۽ انتظامي تبديلين سبب اڳوڻا سلسلا بدلجي ويا. جھنگلي جيوت جي گھٽجندڙ انگ کي ڏسندي سرڪار ڪي ابتدائي قانون لاڳو ڪيا ته جيئن وڌندڙ شڪار تي ضابطو رکي سگھجي، پر ان سان ڪو به خاص فائدو نه ٿيو ۽ شڪار ٿيندڙ جانور ۽ پکي اڳي جيان تيزيءَ سان مرندا رهيا. زراعت لاءِ استعمال نه ٿيندڙ زمين، جيڪا ڪنهن وقت ۾ گئليفارمس ڪٽنب (Galliformes) ۽ ٻي ڪيتري جھنگلي جيوت لاءِ اجھو هوندي هئي، اها به آهستي آهستي کيڙجڻ شروع ٿي، نتيجي طور اهڙن هنڌن ۽ علائقن مان يا ته جھنگلي جيوت هميشه لاءِ هلي وئي يا بلڪل گھٽجي وئي. خشڪ علائقن ۾ رهندڙ لاڳيتو خشڪ ساليءَ ۾ مٽجندڙ موسمي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون. 1994ع ۾ هيٺاهين سنڌ ۾ هلندڙ ڊگھي وسڪاري، ان کانپوءِ گھوٽڪي، خيرپور ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ اونهاري جي سخت گرمي ۽ 1999ع ۾ آيل سامونڊي طوفان توڙي 2010ع ۾ ٻوڏ ۽ سخت برسات سبب نه رڳو بدين ۽ ٺٽي ضلعي جا ساحلي علائقا تباهه ٿيا، بلڪ سنڌ جا ٻيا علائقا به متاثر ٿيا ۽ جھنگلي جيوت جي وڏي انگ وڏي پئماني تي پنهنجي اصلي ماڳن کان لڏپلاڻ ڪئي ۽ تباهه ٿي.
سنڌ ۾ جھنگلي جيوت جي تباهيءَ جا ڪيترائي سبب آهن، جهڙوڪ: سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جو نه هجڻ، نالي ماتر/ تمام گھٽ موسمي ٻوڏون ۽ ڪچي جو نه ٻڏڻ، 1992ع کان سراسري طور گھٽ يا عام رواجي کان به گھٽ ٿيندڙ وسڪارو، سڪيءَ تي موجود پاڻيءَ جو سڪي وڃڻ، ڍنڍون ڍورا سڪي وڃڻ ۽ ساحلي پٽيءَ سان خاص طور ٺٽي، گھوڙا ٻاري، ميرپور ساڪري، جاتي، سجاول، ميرپوربٺوري، بدين ۽ ٽنڊي باگي تعلقي جي پوسي زمين (Wetland) کي زرعي زمين ۾ بدلائي ڇڏڻ، ان کان سواءِ جن جن هنڌن تي پوسي زمين موجود آهي، اتان جو پاڻي صحت بخش نه رهيو آهي، جو اتي قدرتي وسيلن کان اڻپورو پاڻي ڇوڙ ڪجي ٿو، گندي پاڻيءَ جي ملاوٽ ٿيندي رهي ٿي ۽ ٽيوب ويلن جو کارو يا ٻاڙو پاڻي ملندو رهي ٿو. اهي مسئلا خاص طور حمل، منڇر ۽ ٿرڙي ڍنڍ سان گھڻا آهن. ايل. بي. او. ڊي (LBOD) نوابشاهه، بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي وئٽلئنڊ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جو اتي اهي يا ته سُڪي ويا آهن، يا ته ايترا خراب ٿي ويا آهن، جو آبي پکي، جيڪي اڳ ۾ اتي واهيرو ڪندا هئا، يا ايندا ويندا رهندا هئا، هاڻي اهي ڪن ٻين هنڌن تي سيارو گذارڻ لاءِ مجبور آهن. حڪومتي سطح تي ڪي اهڙيون به ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ته جيئن شڪارين جي سرگرمين تي نظر رکي سگھجي. شڪار جي پرمٽ ’سنڌ وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ‘ جاري ڪري ٿو، تن جو هميشه غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ جيئن ته شڪار جي موسم ڊگھي ٿئي ٿي ۽ جيڪا جھنگلي جيوت بچي به وڃي ٿي، ته اها هڪ ڊگھي عرصي تائين اهڙو دٻاءُ برداشت نه ٿي ڪري سگھي.
سروي جي حوالي سان ٻه اوائلي مهمون/ رٿائون ’گاءِ مائونٽفورٽ‘ (Guy Mountfort) جي سربراهيءَ ۾ 68-1967ع ۾ پاڪستان ۾ جھنگلي جيوت جي حالت جي اندازي لڳائڻ لاءِ هلايون ويون ته جيئن جھنگلي جيوت جي سائنسي بنيادن تي سار سنڀال لهي سگھجي ۽ ڪن اهڙن هنڌن کي تحفظ ڏئي (نئشنل پارڪ، وائلڊ لائيف سينڪچوري ۽ گيم رزروس) قرار ڏئي سگھجي، انهن رپورٽن ۾ سرڪار کي اهي به سفارشون ڪيون ويون ته جھنگلي جيوت کي الڳ ڪري، ان کي ٻيلي کاتي سان ملايو وڃي.
1970ع کانپوءِ سنڌ سرڪار جھنگلي جيوت جي قانونسازيءَ تي ڪم شروع ڪيو ۽ 1973ع ۾ سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس جاري ڪيو. جھنگلي جيوت جي بچاءَ ۽ حالتن آهر ان ۾ وقت بوقت سڌارا ۽ واڌارا آندا وڃن ٿا. کيرٿر نئشنل پارڪ، جيڪو 1092 هم چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي، 1975ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ هن قانون هيٺ جهنگلي جيوت جون 35 رکون/ سينڪچريون ۽ 15 گيم رزروس (Game reserves) اچي وڃن ٿا.
سنڌ ۾ تحفظ ڏنل اهڙا ڪيترائي ماڳ مڪان آهن، جيڪي گوناگون جيوت سميت قدرتي ۽ ثقافتي وسيلن کي تحفظ ڏين ٿا ۽ انهن جو قانوني يا اهڙن ٻين اثرائتن طريقن سان انتظام هلايو وڃي ٿو.
ڪنهن به جھنگلي جيوت جي سينڪچري/ رک هڪ اهڙو ماڳ ٿئي ٿو، جنهن کي خاص طور تي ان سبب نويڪلو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن اتي ڪنهن به گوڙ گهمسان کان سواءِ جھنگلي جيوت پنهنجي نسلي واڌويجھه ڪري سگھي. اهڙي هنڌ تي وڃڻ جي منع هجي ٿي ۽ عام ماڻهوءَ کي اتي جي ڪا شيءِ استعمال ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي، نه ئي ان زمين جو استعمال ڪري سگھجي ٿو، سواءِ اهڙين حالتن جي، جڏهن ڪن خطرن ۽ هاڃن کي گھٽائڻو هجي، وبائي بيماريون پکڙجنديون هجن، جيتن جو حملو ٿيندو هجي يا قدرتي آفتون اينديون هجن، جڏهن ته نيشنل پارڪ، جهڙوڪ: کيرٿر نئشنل پارڪ، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو به عام ماڻهو تفريحي، تعليمي ۽ تحقيقي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو، منجھس موجود جھنگلي جيوت کي پارڪ جي حدن کان ٽن ميلن اندر ڪنهن به قسم جو ڇيهو رسائي نه ٿو سگھجي. اهڙين رکن کي قائم ڪرڻ جو هڪ مقصد حد کان وڌيڪ شڪار تي ضابطو رکڻ به آهي. اهڙن هنڌن تي شڪار ڪرڻ لاءِ خاص پرمٽون جاري ڪيون وينديون آهن. اهڙين پرمٽن ۾ اهو به ٻڌايو ويندو آهي، ته وڌ ۾ وڌ ڪيترن جانورن جو شڪار ڪرڻ/ ڦاسائڻ جي اجازت آهي.
جيستائين WWF انٽرنيشنل ۽ سنڌ وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ، ڊاڪٽر جيارجيو پليري (Giorgio Pilleri) ڊائريڪٽر برين ائناٽامي انسٽيٽيوٽ ائنڊ پروفيسر نيوروائناٽامي اينڊ ڪمپيوٽر نيورو پئٿالاجي، يونيورسٽي آف سئزرلينڊ کي نه گھرايو، تيستائين سنڌ جي انڌي ٻلهڻ جي انگ ۾ تشويشناڪ حد تائين گھٽتائي ٿي رهي هئي. ڊاڪٽر هن يگاني انڌي ٻلهڻ جي بايولاجيڪل سڀاءَ (Echolocation) جو اڀياس ڪيو. سندس سفارش تي انڊس ڊالفن رزرو (Indus Dolphin Reserve) قائم ڪيو ويو ته جيئن هن گڻائتي جانور کي هڪ انتهائي خلل واري ماحول مان جيئندان ڏئي سگھجي/ سانڍجي. اهڙن اثرائتن اپائن ۽ سائنسي طريقن اختيار ڪرڻ سان همٿائيندڙ نتيجا حاصل ٿيا آهن.
جھنگلي جيوت جي بچاءَ کي وڏي تقويت تڏهن ملي، جڏهن 1990ع ۾ جھنگلي جيوت کي ٻيلي کاتي سان ملايو ويو. جھنگلي جيوت جي سائنسي بنيادن تي تنظيم ڪاريءَ لاءِ ڪيتريون ئي نيون رٿائون هلايون ويون، جن هيٺ مقامي آبي پکين جي ڪيترين ئي جنسن ۽ ناري جي ڦاڙهي کي پالي، انهن جي نسل وڌائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. کيرٿر نئشنل پارڪ جي کُرن وارن جانورن جو سائنسي اڀياس ڪيو ويو. ڪنداهه رزرو فاريسٽ/ رک قائم ڪئي وئي. واڳن جي وڌاءَ لاءِ اپاءَ ورتا ويا ۽ انهن کي پنهنجي قدرتي جوءِ ۾ ٻيهر متعارف ڪرايو ويو ۽ ڪاريهل (Blackbuck) جي واڌ لاءِ ڪيترا تجربا ڪري ان کي خيرپور ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ پنهنجين قدرتي رکن ۾ رهڻ لاءِ ڇڏيو ويو. اهڙن اپائن وٺڻ سان اميد کان به وڌيڪ ڪاميابي ٿي، انهن مان ڪيترين رٿائن جو پهريون مرحلو ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو ويو، جڏهن ته بدقمستيءَ سان ٻئي مرحلي جون ڪيتريون رٿائون مالي مسئلن سبب شروع ٿي نه سگھيون.
جھنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ جيڪي فائديمند اپاءَ ورتا ويا، انهن ۾ هڪ نئشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ کان پشاور تائين ٺهندڙ موٽر وي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ڪوششون هيون. ڇو جو اڳ محل ڪوهستان جي جھنگلي جيوت جي رک ۽ کيرٿر نئشنل پارڪ کي ورهائي منجھانئس اهو هاءِ وي ٺهڻو هو، اهڙو ٻيو ڪم سنڌ وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ، ايشين ويٽ لئنڊ بيورو ۽ انٽر نيشنل واٽر فائول ريسرچ بيورو پاران وچ سياري ۾ آبي پکين جي ڳڻپ ڪرڻ هئي، جڏهن ته سنڌ وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ پاران لنگھه ويٽلئنڊ جي بحاليءَ جو ڪم پورو ڪيو. انهن ڪمين سميت ڦاڙهي ۽ واڳونءَ کي بچائڻ لاءِ به ڪامياب ڪوششون ڪيون ويون، ڇو ته چوٽياريون ڊئم سبب ايترو ته ماحولياتي نقصان ٿيو، جو انهن جنسن جو وجود خطري ۾ اچي ويو هو. پاڪستان سرڪار تيل جي ڳولا لاءِ معدنيات کاتي رستي ’پريميئر آئل ڪمپنيءَ‘ کي ڊمبر علائقي ۾ کيرٿر نئشنل پارڪ ۽ محل ڪوهستان جي WL رک ۾ لائسنس جاري ڪيا، جيتوڻيڪ انهن هنڌن تي تيل جي ڳولا ڪرڻ تي آءِ. يو. سي. اين (IUCN)، ڊبليو. ڊبليو. ايف (WWF) ۽ عوام تنقيد به ڪئي. سماجي تنظيمن جي حمايت ۽ دليل بازيءَ کانپوءِ اهڙن تحفظ ڏنل ماڳن تي کوٽائي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ سروي ڪرائي. ساڳئي وقت پارڪ جي قدرتي وسيلن ۽ مختلف حصن جو هڪ بنيادي اڀياس به ڪرايو. پارڪ ۾ موجود کرن وارن جانورن ۽ رک ۾ موجود جملي جانورن جي هڪ وسيع سروي ڪئي وئي ان ڏس ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي کيرٿر نئشنل پارڪ مئنيجمينٽ پلان به ٺاهيو ويو.
مٿين لاڙن مان اها خبر پوي ٿي ته سول سوسائٽي، سرڪاري ادارن توڙي مڪاني ادارن ۾ جھنگلي جيوت جي بچاءَ ۽ ان جي قدرتي ماڳن کي بچائڻ لاءِ سجاڳي پيدا ٿي رهي آهي. سنڌ پنهنجن ماڻهن جي سرگرم شموليت سبب اهو پرڳڻو آهي، جتي جھنگلي جيوت جو سائنسي ۽ پائدار بنيادن تي سارسنڀال جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ’ون يونٽ‘ جي ٽٽڻ ۽ صوبن جي هڪ خود مختيار انتظامي ڍانچي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ شڪار کاتو، سنڌ ٻيلي کاتي ۾ ضم ڪيو ويو. جھنگلي جيوت جو قانون نافذ ڪري، سنڌ وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ رستي، جنهن جو سربراهه صوبي جو وزيراعلى آهي، ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ويا آهن. اهڙو قانون ٻين صوبن لاءِ، پنهنجي جھنگلي جيوت بچائڻ لاءِ هڪ مثالي قدم ثابت ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن سنڌ وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ شروعات ڪندڙ رهيو آهي ته سنڌ سرڪار به پنهنجي وسان نه گھٽائيندي جھنگلي جيوت جو هڪ الڳ کاتو وجود ۾ آندو ته جيئن ان کيتر ۾ ڪم ڪندڙ ڪردارن جي صلاحيتن ۽ سگهه کي وڌائي سگهجي.
جھنگلي جيوت جي بچاءَ ۾ غير سرڪاري تنظيمن جون به ڪاوشون رهيون آهن، جن نه رڳو جھنگلي جيوت کاتي جي عملي کي سکيائون ڏنيون، پر ڪيترين جنسن جي بچاءِ لاءِ مالي سهائتا پڻ ڪئي، سيمينار ڪرايا، اسڪولي نصاب لاءِ ڪم ڪيو، جنهن لاءِ اسڪولن ۾ جھنگلي جيوت بابت ڄاڻ ڏيڻ جا پروگرام ڪيا ويا ته جيئن نئين نسل ۾ جھنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ اهڙا لاڙا پيدا ٿي سگھن. اهڙين تنظيمن ۾ آءِ. يو. سي. اين (IUCN)، ڊبليو. ڊبليو. ايف (WWF)، انٽرنيشنل واٽر فائول ريسرچ بيورو ۽ ايشين ويٽلئنڊ بيورو سرفهرست آهن. انهن جي سهڪار کان سواءِ سنڌ جي جھنگلي جيوت جو کاتو ايتريون ڪاميابيون حاصل ڪري نه سگھي ها.
ڪي اهڙا جھنگلي جيوت سان پيار ڪندڙ شخص به آهن، جن نه رڳو خانگي طور تي رکون قائم ڪري جھنگلي جيوت جو بچاءُ پئي ڪيو آهي، پر اهي هن وهنوار ۾ سدائين اڳرا ۽ ان جو هڪ حصو رهيا آهن. مير علي مراد خان ٽالپر پنهنجي سڄي زندگي ۽ سرمايو سنڌ جي جھنگلي جيوت بچائڻ لاءِ پنهنجي هڪ خانگي رکَ ’مهراڻي وائلڊ لائيف ريسرچ ائنڊ بريڊنگ رزرو‘ خيرپور لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. شيخ زيد بن سلطان النهيان وائلڊلائيف ٽرسٽ جو سنڌ جي جھنگلي جيوت جي بچاءَ ۽ انتظام ڪاريءَ ۾ به هڪ حصو رهيو آهي، ان لاءِ هن وائلڊ لائيف ريسرچ سينٽر ۾ 500 ايڪڙ زمين ڏني آهي، جتي ڪاريهل (Black Duck)، Urail ۽ ڦاڙهي (Chinkara) جهڙن جانورن جي ڪاميابيءَ سان واڌويجھه ڪرائي پئي وڃي، جيڪي پوءِ پنهنجين اصلي ماڳن ۾ ڇڏيا ويندا.
تيل ۽ گئس سان گڏ انهن سان لاڳاپيل تنظيمون، جيڪي کوٽائي ۽ کوجنا جي ڪم ۾ مشغول رهن ٿيون، تن جي سرگرمين سبب اهڙا هنڌ جتي جھنگلي جيوت رهي ٿي، متاثر ٿين ٿا، تنهنڪري اهي به جھنگلي جيوت جي بچائڻ ۾ مکيه حصيدار ٿين ٿا. اهڙي ماڳ جو هڪ مثال کير ٿر نئشنل پارڪ آهي. پريمئير آئل ايڪسپلوريشن ڪمپنيءَ کي نيشنل آئل ڪمپني پاڪستان سان گڏ کيرٿر نئشنل پارڪ ۽ محال ڪوهستان وائلڊلائيف سينڪچري ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ جڏهن لائيسنس مليو ته انهن اهڙن هنڌن تي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو. جڏهن ته پريميئر ڪفپيڪ پاڪستان، پارڪ ۽ رک ۾ دائمي حصيدار آهي، جن جھنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ مالي سهائتا سان مختلف پروگرام شروع ڪيا آهن ته کيرٿر نئشنل پارڪ لاءِ انتظامي رٿا به تيار ڪئي آهي.




لفظ سنڌ جي جهنگلي جيوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو